اسان جو پيارو دين

اسان جو پيارو دين (ڪتاب): هيءُ ڪتاب شيخ محمد حاجن جو لکيل آهي، جنهن ۾ دين اسلام بابت ڄاڻ ڏنل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي. هن ۾ صفحا 80 آهن ۽ قيمت 25 پئسا ڄاڻايل آهي. ڇاپو پنجون، محمد يوسف ائنڊ برادرس حيدرآباد مان سال 1965ع ۾ شايع ڪيو. هن نالي سان ٻيو ڪتاب مولوي محمد مدنيءَ ۽ ٻين جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي. هن ۾ صفحا 125 آهن. ڇاپو پهريون، عجائب اسٽور سکر، سال 1962ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ٽيون ڪتاب غلام محمد گراميءَ جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو جلد ڪچو آهي. هن ۾ صفحا 129 آهن ۽ قيمت ڄاڻايل ناهي. شيخ غلام علي ائنڊ سنز حيدرآباد، هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو، نيوگرين پريس مان سال 1971ع ۾ شايع ڪرايو. هن نالي سان چوٿون ڪتاب مخدوم امير احمد جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز ڪتاب جو ڪچو جلد آهي. هن ۾ صفحا 72 آهن ۽ قيمت 54 پئسا ڄاڻايل آهي. دين دنيا بوڪ ڊيپو، حيدرآباد طرفان ڪتاب جو يارهون ڇاپو، نوراني پريس مان سال 1969ع ۾ ڇپيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو